اوٽاوا – 15 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪينيڊا عليحدگي پسند سک اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ هاءِ ڪمشنر سميت ڀارت جي 6 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هداي?? ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت وٽ هاڻي واضع شاهديون موجود آهن ته ڀارتي حڪومت جا ايجنٽ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهيا آ??ن ۽ ??نه?? اهڙين سرگرمين کي جاري رکيو آهي جيڪي عو??مي تحفظ لاءِ اهم خطرو آهن . هن ٻڌايو ته ??نه?? سرگرمين ۾ ڳجهي معلومات گڏ ڪرڻ جي مهارت ، زور زبردستي جو رويو ، ڏکڻ ايشيائي ڪينڊين شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ قتل سميت درجن کان وڌيڪ ڌمڪي آميز ۽ پرتشدد ڪاروائين ۾ ملوث هجڻ شامل آهي . جسٽن ٽروڊو چيو ته اهو عمل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي ، ڀارت ڪينيڊا ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ٿي بنيادي غلطي ڪري رهيو آهي.