اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي ??ان تفصيلي ??پورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿ??ندا پر ان سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي ??ان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي ??ان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي ??ور ڪيو ويو. قيمتي جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي ??ان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي ??ور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آ??ڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿ??ندا پر ان سان ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.