اسلامي ملڪن کي نئين حقيقتن جي ڏس ۾ احتياط سان اڀرندڙ نئين عالمي نظام ۾ پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي مقصد حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ گهرجي: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسلامي ملڪن کي نئين حقيقتن جي ڏس ۾ احتياط سان اڀرندڙ نئين عالمي نظام ۾ پنهنجا انفرادي ۽ اجتماعي مقصد حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ”عرب نيوز“ ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضمون ۾ چيو آهي ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن کي سڀ کان اڳ اصولن کي برقرار رکندي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي فروغ ڏيڻ گهرجي، وڏين طاقتن جي دشمنين ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عالمي تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ پرڏيهي مداخلت کي روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته انصاف سان امن جي قوت جي طور تي او آءِ سي کي فلسطين ۽ ڪشمير جي خودمختياري جي حق ۽ غيرملڪي قبضي کان آزادي جي منصفاڻي مقصدن جي حمايت جاري رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اهي هدف مشڪل آهن پر مون کي يقين آهي ته تاريخ جو دائرو انصاف طرف جهڪي ٿو. وزيراعظم هي صمون پاڪستان جي ميزباني ۾ 22 – 23 مارچ تي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي مناسبت سان لکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ اسلامي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو انعقاد پاڪستان سان مسلمانن جي يڪجهتي جو غيرمعمولي مظاهرو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد اجلاس عالمي تاريخ جي نازڪ موڙ تي ٿي رهيو آهي. 1945ع ۾ قائم ٿيندڙ عالمي سلامتي ۽ ا قتصادي نظام جي ڍانچي کي طاقت جي بار بار هڪ طرفي استعمال، هڪ نئين ”سرد جنگ“ ۽ قومن جي وچ ۾ وڌندڙ اڻبرابري، ڪوويڊ 19 وبائي بيماري، موسمياتي تبديلي جي اثرن ۽ ٽيڪنالاجي جي انقلاب جي نتيجي ۾ ختم ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعاون تنظيم دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي ۽ اسلامي دنيا جي گڏيل آواز جي نمائندگي ڪري ٿي. ان ڳالهه کي ورجائيندي پاڪستان سدائين اسلام جو قلعو ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي حقن ۽ مفادن جو محافظ رهندو. هن چيو ته گذريل سالن ۾ تنظيم اسلامي دنيا جي گڏيل مفادن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته تنظيم عالمي امن ۽ سلامتي، تهذيب، ثقافت ۽ مذهبن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيڻ ۽ امن، انصاف ۽ گڏيل احترام جي عظيم اسلامي قدرن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن تي زور ڏنو ته اهي امن، انصاف ۽ گڏيل احترام کي فروغ ڏين. مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن جو پاڻ حل ڳوليون. هن چيو ته ڀارت جي ڄمون ۽ ڪشمير تي ان جي سڃاڻپ کسڻ، ان جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۽ اتان جي ماڻهن تي وحشياڻو ظلم ڪري ان تي حتمي حل مڙهڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن زور ڏئي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، نئين دهلي کي گهرجي ته هو پاڪستان ۽ ڪشميرين سان مخلصاڻي ۽ نتيجاخيز ڳالهين جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي هڪطرفي قدمن بشمول آبادي جي تناسب ۾ تبديلين جا قدم واپس وٺي ۽ انساني حقن جي سنگين ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين کي روڪي. هن چيو ته 40 سالن کانپوءِ افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي بحالي جو حقيقي موقعو مليو آهي. اسان کي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن، خاص طور تي عورتن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن سان فعال طور تي مشغول ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شام، ليبيا ۽ يمن جي تڪرارن کي لاڳاپيل اسلامي ملڪن جي تعاون جي ذريعي حل ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن به مسلمان ملڪن جي وچ ۾ يا غيرمسلم ملڪن يا ادارن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿئي ٿو ته او آءِ سي کي ڳالهه ٻولهه ذريعي تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو امن ۽ سلامتي جو ڍانچو قائم ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي. مجموعي طور تي مسلمان دنيا انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. اسان کي انهن خصوصيتن مان فائدو کڻڻ ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ جي مقصد سان بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ گڏيل قدم وڌيڪ سياسي هم آهنگي ۽ يڪجهتي طرف هڪ اهم قدم هوندو. وزيراعظم چيو ته ڪوويڊ 19 وبائي بيماري ۽ موسمياتي تبديلي اسان جي سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسلامي ملڪن کي ٻين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ وبائي مرضن کان بحالي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي. ان ۾ قرضن ۾ ريليف ۽ نئين سر تنظيم سازي، 0.7 سيڪڙو سرڪاري ترقياتي امداد جا هدف مڪمل ڪرڻ، نئين خصوصي ڊرائنگ رائٽس ۾ غيراستعمال ٿيل 400 بلين ڊالر جي ٻيهر ورڇ، گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن پاران وڏن قرضن، پائيدار انفراسٽرڪچر ۾ وڏي پئماني تي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي موبلائيزيشن شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن کي عالمي ماليات، واپار ۽ ٽيڪس جي ڍانچي ۾ منصفاڻي ۽ برابر سلوڪ جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي، اسان کي دليري سان پنهنجي ملڪن مان هر سال اربين ڊالر جي بدعنواني، دوکيبازي، ٽيڪس چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي ذريعي ”محفوظ پناهگاهن“ طرف منتقلي کي روڪڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي ملڪن کي مستقبل جي علم تي ٻڌل، ٺوس ۽ ڊيجيٽل عالمي معيشت جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ واپاري رجحانن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ”ڪميشن فار دي فيوچر“ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته انهن کي اولهه ۽ اوڀر جي سمورن ملڪن ۽ گروپن سان اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ اسان کي اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ او آءِ سي جي ٻين ادارن کي استعمال ڪندي اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تڪميل جو فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ خصوصي ماهر ٽاسڪ فورس او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، مالياتي، واپاري ۽ ٽيڪنالاجي تعاون جي لاءِ منصوبو تيار ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عقيدي اسلام جي لاءِ عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ هر جڳهه تي مسلمانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته اسان کي اسلام، پنهنجي مقدس ڪتاب يا اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي توهين يا تضحيڪ تي سختي سان اعتراض اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪيو ته اسلامو فوبيا جو بدترين اظهار ڀارت کي خصوصي طور تي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جي سرڪاري طور تي منظور ٿيل مهم آهي. ڀارت ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران او آءِ سي ملڪن سان پاڪستان جي تجويز ڪيل قراردادن جي منظوري تي پڻ پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. وزيراعظم پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پل جو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، سمورن مذهبن ۽ عقيدن جي احترام کي فروغ ڏينداسين ۽ تهذيبن جي وچ ۾ عالمي مڪالمي کي اڳتي وڌائيندا رهنداسين ته جيئن پرامن گڏيل بقاءَ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏئي سگهجي. هن باني پاڪستان جي ويزن کي پورو ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان کي هڪ جديد، جمهوري، اسلامي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي جيڪا مديني جي رياست جي طرز تي رسول الله ﷺ جي ارشادن تي عمل پيرا ٿئي.

مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں