سينيٽ چيئرمين سان ملائيشيا جي وفد جي ملاقات

image
APP55-010422 ISLAMABAD: April 01 - Minister of Plantation Industries and Commodities (MPIC) of Malaysia, Miss. Zuraida Binti Kamaruddin calling on Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani at Parliament House. APP

اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملائيشيا جي پلانٽيشن انڊسٽريز اينڊ ڪموڊيٽيز واري وزير زورائيده بنت قمر الدين وفد سميت پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فروغ وٺي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اعليٰ سطحي وفد جي مٽاسٽا سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ معيشت کي نمايان فروغ ميسر ٿيندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان، ملائيشيا سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻئي ملڪ عالمي فورمن تي سدائين هڪٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري پاڪستان ۽ ملائيشيا، پنهنجي لاڳاپيل مارڪيٽن تائين پهچ جي سهولت فراهم ڪري هڪٻئي کي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي فائدا فراهم ڪري سگهن ٿا. تعليم، دفاعي مصنوعات، واپار ۽ سيڙپڪاري اليڪٽرانڪس ۽ آءِ ٽي انڊسٽري، حلال فوڊ، آئل اينڊ گئس، قابل تجديد توانائي، سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون هڪ ٻئي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ”آسيان“ جو ڊائلاگ پارٽنر بڻجڻ لاءِ ملائيشيا پاران حمايت جو منتظر آهي. ملائيشين وزير زورائيده بنت قمر الدين سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، معيشت جي بهتري لاءِ واپاري ماپي ۾ اضافو ۽ موجوده سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي ملائيشين سيڙپڪار، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن.

مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون
متعلقہ مضامین
مزید خبریں