وزيراعظم شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر امير حيدر خان هوتي ۽ ايمل اسفنديار ولي جي ملاقات

image

اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر امير حيدر خان هوتي ۽ ايمل اسفنديار ولي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلام احمد بلور پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں