وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي

image

مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي، وزيراعظم لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عمري دوران وزيراعظم شهباز شريف خصوصي زيارت کانپوءِ حجرِ اسود کي چُمي ڏني ۽ طوافِ ڪعبه ڪيو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري جي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن عمره جي ادائيگي دوران وزيراعظم شهباز شريف زيارتِ خاص ۽ طوافِ ڪعبه جي ادائيگي کانپوءِ صفه ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪئي. وزيراعظم سعي صفه و مروه جي ادائيگي سان گڏ ئي عمره جي تڪميل کانپوءِ ملڪ ۽ قوم ۽ مسلمان امت جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون. وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري دوران مدينه منوره ۽ جده ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن عمره جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه روانو ٿيو ۽ وفد سميت عمره ادا ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيادم دوران ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاصري ڀري، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. جده ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدلعزيز سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزده شاهزين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي.

مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں