پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته امير دبئي شيخ خليفه بن زيد النهيان جو متحده عرب امارات جي ترقي ۾ مثالي ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي سان عرب خطو هڪ غير معمولي حڪمران کان محروم ٿي ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي متحده عرب امارات جي عوام ۽ شاهي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں