پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان قطر جي سفير جي ملاقات

image

اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير ۽ قطر جي سفير ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں