حڪومت مشڪل فيصلن جي ذريعي ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي: مفتاح اسماعيل

image

اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت مشڪل فيصلن جي ذريعي ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو آهي، هن سال پرائمري خسارو 1600 ارب رپيا آيو آهي، ايندڙ سال ان کي 153 ارب رپيا فاضل ڪيو ويندو، مجموعي بجيٽ خسارو به گهٽ ڪيو ويندو، 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي هڪ سيڪڙو، 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين کي 2 سيڪڙو، 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو، ٽيڪسن جي هدفن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هاڻي 7004 بدران ٽيڪسن جو هدف 7470 رپيا هوندو، نان ٽيڪس روينيو کي 2 هزار ارب رپين مان گهٽ ڪري 1935 ارب رڪيو ويو آهي، صوبن کي هاڻي 4373 ارب رپيا ڏينداسين، انهن سمورن خرچن کانپوءِ 4547 ارب رپين جو خسارو هوندو، 300 مربع فٽ جيولرز جي دڪان تي 40 هزار رپين جو فڪس ٽيڪس هنيو ويو آهي، جڏهن ته وڏين دڪانن تي 17 سيڪڙو بدران 3 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو، عام شهري سون وڪڻڻ تي جيڪو 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ڏيندو هو، ان کي گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال 23 – 2022ع جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث سهيڙيندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن جيڪي ڪارائتا مشورا ڏنا آهن انهن مان ڪيترن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جو به ٿورائتو آهيان جو هن زراعت ۽ نوجوانن جي لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون آهن انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪپهه ۽ ڪڻڪ سميت زرعي پاڻڀرائپ جي ڪپهه جي ٻج تان ٽيڪس هٽايو ويو آهي، اسان کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرائپ جي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته زراعت تي جيڪو پئسو خرچ ڪيو پيو وڃي اها سبسڊي نه آهي پر سيڙپڪاري جي نيت سان ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2022ع پاڪستان جي تاريخ ۾ معاشي طور تي خراب سال سمجهيو ويندو، ان ۾ سمورن هدفن کان ڪن لاٽار ڪيو ويو، 5310 ارب رپين جو خسارو ٿيو، نئين جي ڊي پي جي حساب سان خساري جي شرح 9.09 سيڪڙو ۽ پراڻي جي ڊي پي جي تناسب سان 8.8 سيڪڙو خسارو ٿيو، ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جا خرچ وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ هئا، ان لاءِ خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ قرض وٺڻا پون ٿا، اها ڪهڙي خودمختياري ۽ ڪهڙي آزادي آهي جو هاني ملڪ تي 20، 20 هزار ارب رپين جو قرض چڙهيو هجي. عمران خان ملڪ کي خودمختياري ۽ آزادي طرف نه پر غلامي طرف وٺي وڃي رهيو هو. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچايو، اسان مشڪل حالتن ۾ حڪومت سنڀالي ۽ ملڪ کي بچايو، آئون خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿو ته انشاءَ الله 23 ڪروڙ عوام جو ملڪ ڊيفالٽ نه پر ترقي طرف سفر ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جو خاتمو آسان فيصلو نه هو، آئون پارليامينٽ ميمبرن، سياسي قيادت، ميڊيا، تجزيه نگارن ۽ خاص طور تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جن ان معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏنو، 40 ارب رپين ۾ هڪ مهيني تائين وفاقي حڪومت هلندي آهي جڏهن ته رڳو پيٽرول تي سبسڊي جي مد ۾ سبسڊي جو ڪاٿو 120 ارب رپيا هو. ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو به ٿورائتو آهيان، انهن پارٽين پنهنجي سياسي ساک جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جو سوچيو. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو نه هو، جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ 14 ارب ڊالر جو خسارو هو ۽ 30 جون تي ان جو ڪاٿو اٽڪل 17 ارب ڊالر هوندو. جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته پرڏيهي جا ذخيرا 10.3 ارب ڊالر هئا جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ هو. اهڙين حالتن م آءِ ايم ايف پروگرام کي بحال ڪرڻ ضروري هو، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ آءِ ايم ايف به تسليم ڪيو آهي ته اسان اڳڀرائي ڪئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ جيڪي ٽيڪس لڳايا ويا آهن اهي اڻسڌا نه آهن، عام ماڻهو جي کپت تي ڪو ٽيڪس ناهي لڳايو ويو پر ان جي بدران امير ۽ سرندي وارن ماڻهن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ڪري سگهجي. اسان وزيراعظم جي پٽن جي ڪمپنين تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو آهي، منهنجي پنهنجي ڪمپنين کي 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اضافي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. ريٽيل ۾ 90 لک کان وڌيڪ دڪان آهن، انهن ۾ 25 کان وٺي 35 لک کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين ۽ انهن کان 3 هزار کان 10 هزار رپين تائين فڪس ٽيڪس وصول ٿيندو. ان سان انهن دڪاندارن کي به آساني ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ جيولرز جون 30 هزار کان وڌيڪ دڪانون آهن جن مان رڳو 28 رجسٽرڊ آهن. 300 مربع فٽ جيولرز جي دڪان تي 40 هزار جو فڪس ٽيڪس لڳايو ويو آهي جڏهن ته وڏين دڪانن، جيڪي ٽير – ون ۾ شامل آهن تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي بدران 3 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس وصول ٿيندو. اهڙي طرح اهو عام شهري سون وڪرو ڪرڻ تي جيڪو 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ڏيندو هو ان کي گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي. گهر، ريسٽوران ۽ ڪار ڊيلرز جي لاءِ خصوصي اسڪيم آڻي رهيا آهيون، ڪار ڊيلرز جي تجويزن تي ان شعبي جي لاءِ ٽيڪس هڻنداسين. ٽيڪس آمدني تي هوندو خرچن تي نه. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت ڪوشش ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏنو وڃي ۽ ان جو بار گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي، بي آءِ ايس پي جي 80 لک رجسٽرڊ ماڻهن کي جون ۾ اضافي 2 هزار رپيا ماهوار سبسڊي ڏني وئي اهي، ان کانسواءِ جن جي 40 هزار رپين کان کان گهٽ آمدني آهي، انهن کي 2 هزار رپيا ڏنا ويندا. ان اسڪيم تحت هيستائين 40 لک ماڻهن پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي اٽو، گيهه، کنڊ ۽ ٻيون شيون سڄو سال سستيون ڏنيون وينديون. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته سبسڊي هدف موجب ملي. ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، ملڪي تاريخ جا چار بجيٽ خساريا عمران خان جي دور ۾ آيا، هي اها ئي پارٽي هئي جيڪي اسان کي طعنيٰ ڏيندا هئا، نواز شريف ٽنهي دورن ۾ 10 سالن تائين وزيراعظم رهيو، هن جيترو قرض ورتو ايترو عمران خان ساڍا ٽي سالن ۾ ورتو آهي. اهڙي طرح هن پيپلزپارٽي جي سمورن دورن کان وڌيڪ قرض ورتو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻو آهي ته اسان کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هن سال پرائمري خسارو 1600 ارب رپين آيو آهي ايندڙ سال انک ي 153 ارب رپيا فاضل ڪيو ويندو. اهڙي طرح مجموعي بجيٽ خسارو به گهٽ ڪيو ويندو. 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي هڪ سيڪڙو، 20 سيڪڙو رپين کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين کي 2 سيڪڙو، 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي 3 ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني وارين ڪمپنين تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو جيڪو هڪ سال جي مدي لاءِ آهي. 13 اهڙا شعبا آهن جن تي اهو ٽيڪس هنيو ويو آهي انهن ۾ سيمنٽ، شگر، ٽيڪسٽائيل، بئنڪس، آئل اينڊ گئس، ايئر لائينز ۽ ايل اين جي ٽرمينل شامل آهن. هن سال اسان کي ان جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي استحڪام جي پٽڙي تي آڻي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته هلندڙ سال رڳو بجلي جي شعبي ۾ 1600 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. 1100 ارب رپيا سڌوسنئون سبسڊي ۾ ڏنا ويا جڏهن ته 500 ارب رپين جو گردشي قرض وڌيو. سڀني کي ملڪ بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته عمران خان اڳ ۾ ڏيڍ لک رپين تائين ٽيڪس ڏيندو هو پر توشه خاني جون شيون وڪرڻ کانپوءِ ان جي آمدني وڌي آهي ۽ هاڻي هو 98 لک رپيا ٽيڪس ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۽ روانگي جو فروغ اسان جي ترجيح آهي، ان ڏس ۾ آءِ ٽي تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ اسٽيٽمينٽ جي شرط ختم ڪئي وئي اهي، اهڙي طرح وينچر ڪيپيٽل تي ٽيڪس هٽايو ويو آهي، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو ٽيڪس ٻيهر ڏهائي پنج سيڪڙو ڪيو ويو آهي. اهي اوورسيز پاڪستاني جن وٽ نائيڪوپ آهي پر اهي پاڪستان جا شهري نه آهن، انهن کي فعال ٽيڪسگذارن ۾ شمار ڪيو ويندو. ڪيپيٽل گين جي شق بحال ڪري ڇڏي آهي. پلاٽن جي آمدني تي جيڪو ٽيڪس هنيو آهي ان مان شهيدن جي خاندانن ۽ زخمين کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. سيالڪوٽ ۾ ليدر ۽ سرجيڪل صنعت تي ود هولڊنگ ٽيڪس 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. اسڪن ۽ سرجيڪل پرچيز تي ٽيڪس ۾ سهولت ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته سينيٽ جون ڪافي سفارشون مليون آهن جن مان ڪيترين ئي مڃيو ويو آهي. فارما جي صنعت بابت تجويزون آيون آهن، انهن کي به مڃينداسين ۽ انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته هو 30 سال اڳ جڏهن پي ايڇ ڊي ڪري پاڪستان آيو، 15، 20 رسالن کان آئون سياست ۾ آهيان، مون ڪڏهن به ملڪي معيشت کي ايتري مشڪل ۾ ناهي ڏٺو، 2008ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 8.1 سيڪڙو هو جنهن تي پيپلزپارٽي جي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ هلي وئي هئي. 2013ع ۾ اسان کي فارن ايڪسچينج جو مسئلو هو ته اسان آءِ ايم ايف وٽ هليا وياسين پر هاڻي نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي. اڳوڻي حڪومت جاري مالي سال جي لاءِ 5 سئو ارب رپين جي سبسڊي مقرر ڪئي هئي پر ان کي 1500 ارب رپين تائين وڌايو ويو. هڪ پئسي جي سستي ايل اين جي ناهي خريد ڪئي وئي، اهڙي طرح پيٽرول جي ڊگهي مدي وارا سودا به نه ٿيا. اڳوڻي حڪومت نااهلي جي ڪري جيڪي مسئلا ڇڏيا آهن موجوده حڪومت ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اضافو ڪيو ويو پر ان جي باوجود پاڪستان جي سياسي قيادت ۽ پاڪستاني عوام اسان جو ساٿ ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس جي هدفن م اضافو ڪيو ويو آهي، هاڻي 7004 بدران ٽيڪسن جو هدف 7470 رپيا ڪيو ويو آهي. نان ٽيڪس روينيو کي 2 هزار ارب رپين کان گهٽ ڪري 1935 ارب ڪيو ويو آهي. صوبن کي هاڻي 4373 ارب رپيا ڏينداسين. انهن سمورن خرچن کانپوءِ 4547 ارب رپين جو خسارو هوندو جڏهن ته وفاقي حڪومت جو مجموعي خسارو 3797 ارب رپيا هوندو. ناڻي واري وزير بجيٽ سيشن دوران پارليامينٽ هائوس ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ ادارن جن ۾ پارليامينٽ جي ملازمن، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن، سي ڊي اي ۽ ٻين ادارن جا ملازم شامل آهن، جي لاءِ ٻن بنيادي پگهارن جي برابر اعزازيي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان ڏس ۾ ناڻي واري وزارت لاڳاپيل ادارن سان تعاون ڪندي ۽ ان جي لاءِ فنڊز فراهم ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا ۾ 2023ع تائين ٽيڪس کان ڇوٽ ڏنيوئي هئي، انهن علائقن ۾ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ جي لا3 هڪ بل هن ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ وزيراعظم، پارليامينٽ ميمبرن، ناڻي واري وزارت جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : را کی کتاب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں