وزيراعظم شهباز شريف پاران ٽانڪ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٽانڪ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن گهرو وزير کي واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں