وزيراعظم سان وفاقي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات

image
Islamabad: Federal Minister for Overseas Pakistanis Sajid Hussain Tori, Federal Minister for Religious Affairs Mufti Abdul Shakoor, MNAs, Mohsin Dawar and Jamal-ud-din call on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif; Federal Minister for Interior Rana Sanaullah and Federal Minister for Planning Ahsan Iqbal are also present ( 19 October, 2022)

اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير ساجد حسين طوري، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ محمد جمال الدين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ شريڪ ٿيا.

مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں