صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪبل سوات ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪبل سوات ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي آهي.

مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال
متعلقہ مضامین
مزید خبریں