پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي، سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري منصوبن کي فوري ۽ بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بنائيندي، پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي کاڻين جي کوٽائي، صنعت ۽ معدنيات واري نائب وزير خالد بن صالح المدفر سان سعودي وفد سان گڏ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود، خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاون تسنيم احمد قريشي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اچڻ تي توهان جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان سعودي عرب پاران هر مشڪل وقت ۾ مدد تي سعودي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان توهان جو ٻيو گهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا خصوصي اهميت رکن ٿا، پوري پاڪستاني قومي سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد تي انهن جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي نه رڳو نگران حڪومت پر ايندڙ چونڊيل حڪومت به سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري منصوبن کي فوري ۽ بنا رڪاوٽ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، حڪومت جو 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو به ٻاهرئين سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين موقعو آهي. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت ۽ اهم پيغام آهي، سعودي عرب پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ موجود وسيع موقعن ۾ سيڙپڪاري جي گهري دلچسپي رکي ٿو. ملاقات ۾ خالد بن صالح المدفر وزيراعظم جي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي لاءِ سهولت جي قدمن ۽ ايس آئي ايف سي جي قيام تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايس آئي ايف سي جو قيام حڪومت جي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ هڪ سنجيده قدم آهي جيڪو پاڪستان جي معيشت جي ترقي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آهي ۽ سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجو تعاون جاري رکندو. سعودي وفد ۾ سعودي عرب جو پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي، عبدالله موفترالشمراني چيئرمين سعودي جيولاجيڪل سروي، عبدالرحمان خالد کاڻين جي کوٽائي جي صنعت وارو نائب وزير ۽ اعليٰ سعودي عملدار شامل هئا.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں