نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ناليواري قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر ايس ايم ظفر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ناليواري قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر سيد محمد ظفر (ايس ايم ظفر) جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ سندس خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو
متعلقہ مضامین
مزید خبریں