پولنگ ڊي امن وامان سان گذري ويندو: محسن نقوي

image

لاهور _ 8 فيبروري (اي پي پي) پنجاب جي نگران وزيراعليٰ چيو آهي ته انشاالله پولنگ ڊي امن امان سان گذري ويندو. چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي پنجاب هر ڊويزن ۽ ضلعن ۾ امن امان لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن. پولنگ ڊي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شهرين جي تحفظ لاءِ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. سمورن حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڳجهون ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. ووٽ ماڻهن جو حق آهي، ڊڃڻ جي ضرورت ناهي. عوام جو تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته اليڪشن جي حوالي سان سموريون تياريون مڪمل آهن، الله خير ڪندو. شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي.

مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں