لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته علائقائي مسئلا اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ريجنل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا کي درپيش مسئل?? حل ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. اخبارون حقيقت تي ٻڌل رپورٽنگ ذر??عي صحيح معلوم عوام تائين پهچائي سگهن ٿيون. پريس جي التوا هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان ريفارمز پئڪيج متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن سان ريجنل ميڊيا جا پراڻا مسئل?? حل ٿيندا. هن پي آءِ ??ي آفيس لاهور جو دورو ڪيو ته جيئن علائقائي پ??يس جي بنيادي مسئلن کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي.