اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته گوادر بندرگاهه سان علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، گوادر بندرگاهه کان پاڪستان کي ٽرانزنٽ ٽريڊ جو علائقائي مرڪز بڻجڻ ?? مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر پورٽ تي ترقياتي سرگرمين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بحري معاملن وارو ??فاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، واپار ۽ سيڙپڪاري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه شرڪت ڪئي.