گڏيل قومون-01 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش خ??رد??ر ڪيو آيه ته رفح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل ??رد??شت اضافو ٿيندو جيڪي نه رڳو فلسطينين لاءِ تباهه ڪُن ثابت ٿيندا پر اهي غزه ۽ ٻين علائقن تائين به پکڙجي سگهن ٿا. الجزيره مطابق هن چيو ته واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي ته رفح ۾ ارائيلي فوج جو امڪاني زميني آپريشن هڪ اهڙ?? ا??ميي کان گهٽ نه هوندو جيڪو لفظن کان ٻاهر آهي، اهو غزاه ۾ موجوده فلسطينين تي تباهه ڪُن اثر ڇڏيندو جنهن جا والاريل اولهندي ڪناري ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي تي سنگين اثر پوندا. ان ڪارروائيءَ سان وڌيڪ هزارين فلسطيني شهري اجل جو شڪار ۽ لکين لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. انتونيو گوتيرش چيو ته سلامتي ڪائونسل جا سمورا ميمبر ۽ ڪيترائي ملڪ واضح طور تي رفح ۾ ان قسم ج?? ا??ڪاني اسرائيلي ??وج?? آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته مان اسرائيل تي اثر رسوخ رکندڙ سمورن ملڪن ک?? ا??يل ڪريان ٿو ته اهي غزه ۾ اسرائيلي ??وج?? آپريشن روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن. انتونيو گوتيرش اهو بيان بنجمن ني??ن ياهو ج?? ا?? ڌمڪيءَ بعد جاري ڪيو آهي ته غزه ۾ جنگبنديءَ جو معاهدو هجي يا نه هجي، اسرائيلي فوج غزه پٽيءَ جي ڏاکڻي شهر رفح تي هر صورت ۾ زميني حملو ڪندي. هوڏانهن گڏيل قومن ج?? ا??ساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري مارٽن گريفٿس چيو آهي ته رفح ۾ امڪاني اسرائيلي حملي ۾ ايتري قدر تباهي ٿيندي جو ڪو انساني منصوبو ان جو مقابلو نه ڪري سگهندو.