اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامي??ري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي، احمد فراز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، ??حمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو، ??حمد فراز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿي??دو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱ??ري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احمد فراز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ??ن کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿي??دي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.