اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر پارٽي اڳواڻن هتي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر ۽ پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اجلاس ۾ پارلياماني ۽ ق??نو??سازي بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم وارو وزير شفقت محمود، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، ق??نو?? وارو وزير بئري??ٽر فروغ نسيم ۽ احتساب بابت صلاحڪار بئري??ٽر شهزاد اڪبر به اجلاس ۾ شريڪ هئا.