??سل??م آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 752 مريضن جا ٽيسٽ ??ثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 م??يض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ-19 جا 33 هزار 865 جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 787، پنجاب ۾ 11 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 395، ??سل??م آباد 3 هزار 80، بلوچستان هڪ هزار 574، گلگت بلتس??ن ۾ 442 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 659 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 683 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچست??ن ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 106 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 295 آهي.