اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته اڄ ڀار?? جي والاريل ڪشمير تي زبردستي قبضي جا 73 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوري?? جي دعويدار هندستان جو اصل چ??رو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي سڄي وادي جيل جي ص??رت اختيار ڪري وئي آهي، معصوم ڪشميرين تي جيڪو ظلم برپا ڪيو پيو وڃي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اڄ ڀار?? جي والاريل ڪشمير تي زبردستي جا 73 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، اسان ا??و ڏٺو آهي ته ان عرصي دوران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ بربريت برپا ڪئي وئي.