اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پنهنجي وطن سان محبت ۽ وابستگي بي مثال ??هي?? ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي مسلسل 10 مهينين تائين ماهوار 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جو ناڻو مارچ ۾ وڌي 2.77 ارب ڊالر تائي?? پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 43 سيڪڙو وڌيڪ ??هي?? انهي مالي سال ۾ هيستائين ٻاهرين ملڪ مان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن تي اسان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون.