اسلام آباد – 21 جون (اي ??ي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي ??ي سي) پهرين جنوري 2022ع کان احساس ڪفالت تحت ماهوار اعزازئي ۾ 166 رپيا اضافو ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن پاران ڪيش ٽرانسفر بابت انڊيڪسيشن پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ڪيترين ئي فني ضمني گرانٽس جي منظور?? پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي ??ي سي) جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيو.