اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ا??تعيفائن جو خواب چڪنا چور ٿي ويو، فضل الرحمان جي چهري تي اڄ مايوسي جا ڪڪر ڇاني?? هئا، 23 مارچ جو ڏينهن تاريخي اهميت رکندڙ ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي پوري قوم يوم پاڪستان جي طور تي ملهائي ٿي ان ڏينهن تي احتجاجي مارچ جو اعلان ڪندڙ قومي يڪجهتي خراب ڪرڻ چاهين ٿا. پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جي اعلان تي ردعم?? ۾ ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پوري پي ڊي ايم وڻ وڻ جي ڪاٺي بڻيل آهي جن وٽ پنهنجي چوري بچائڻ کانسواءِ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. سياسي بيروزگارن جو ٽولو ڦرلٽ بند ??يڻ سان بيچيني و شڪار آهي، آر يار پار وارا بري طرح خوار ٿي رهيا آهن.