اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي س??ح تي بهترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مان??ٽر??گ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي س??ين آدمشماري ۽ گهر شم??ري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شم??ري مان??ٽر??گ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي ??يو ته صوبن جي مطالبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪر??ٽر??ٽ جي قيام تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سان مشاورت سان قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سي سي آءِ ستين آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ڏيندي ”آدمشماري مان??ٽر??گ ڪميٽي“ جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪميٽي جي س??براهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪر??ٽر??ز، نادرا جو چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عملدار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آدمشماري جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آدمشماري مشاورتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي س??ح تي بهترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مان??ٽر??گ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي س??ين آدمشماري ۽ گهر شم??ري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آدمشماري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي، وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته هڪ قابل اعتماد آدمشماري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهرين جي ڀلائي جي منصوبن ۽ پاليسين جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلاس ۾ سي سي آءِ جي مالي س??ل 21 -2020ع جي لاءِ سالياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا ايٽمز تي غور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عمل هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي س??ن سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين روپين جي لاڳت سان سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪر??ٽر??ٽ قائم ٿي چڪو آهي. ان جي قيام سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي ضرورتن جي معاملي تي صوبن جي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي س??ح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.