اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??اني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، پاور آف اٽارني ۽ جا??شيني جا سرٽيفڪيٽس جو آن لائين جاري ڪرڻ جهڙا قدم انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت لاءِ ڏور رس نتيجن وارا هوندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار روشن ڊجيٽل اڪائونٽس بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي سمنڊ پار پ??ڪس??انين واري صلاحڪار ايوب آفريدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??اني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اسان انهن جي سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ تاريخ ساز قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، انهن جي پاور آف اٽارني ۽ جا??شيني جي سرٽيفڪيٽس جو آن لائن جاري ڪرڻ جهڙا حڪومتي قدمن انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت جي لاءِ ڏور رس نتيجا وارا هوندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين ۾ پنهنجي رقم پ??ڪس??ان موڪلڻ جي لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) جي شاندار ڪاميابي تي تفصيل کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 3 ارب ڊ??لر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو آر ڊي اي جي ذريعي ملي چڪو آهي، وزيراعظم ا??ٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان (ايس بي پي) کي هدايت ڪئي ته هو ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين کي آر ڊي اي جي ذريعي پنهنجي رقم پ??ڪس??ان موڪلڻ جي لاءِ آن لائين ريئل ٽائيم بنيادن تي سهولت فراهم ڪري، هن لاڳاپيل عملدارن کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پ??ڪس??انين کي آر ڊي اي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ موثر مارڪيٽنگ مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي.