بيجنگ – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان چين جي مدد سان ??يمي ڪنڊيڪٽرز زون قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم منصوبو تجويز ڪيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان کي جديد اوزارن ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ۽ ترقي جون نيون ??اه??ن کولڻ آهي. اها ڳالهه هن چائنا اڪنامڪ نيٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي تازي چين جي دوري دوران هن سيمي ڪنڊيڪٽرز انڊسٽري ج?? پاڪستان منتقلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ٽيڪنالاجي نه رڳو پاڪستان پر چين جي لاءِ پڻ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چين جون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان ??چن ۽ پاڪستان کي سيمي ڪنڊيڪٽرز مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻائين. اها ڳالهه ذڪ?? جوڳي آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ پنهنجي ان مدي دوران هن سيمي ڪنڊيڪٽرز ٽيڪنالاجي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ سيمي ڪنڊيڪٽرز مهارت ۾ پاڪستانين کي تربيت جي ف??اه??ي جي لاءِ چين سان ??صيداري پ?? ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪستان ۾ سيمي ڪنڊيڪٽرز ڊيزائننگ جي شروعات ڪرڻ چاهيون ٿا، مون کي اها ڳالهه ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان ??ان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي زون کي سيمي ڪنڊيڪٽرز زون ۾ تبديل ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو تمام وڏو شعبو آهي جنهن ۾ ٻئي ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موبائيل فونز هاڻ?? پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيا آهن پر اسان ??ن کان هڪ قدم اڳتي وڌند?? پاڪستان ۾ موبائيل فونز جي مڪمل مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت جي شعبي ۾ اوزارن جي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي شروعات جي ڪجهه مهينن دوران ??سان ??ن شعبي بابت هر شيءَ درآمد ڪري رهيا هئاسين پر هاڻ?? پاڪستان ??ن حوالي سان هڪ وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته اهو اهم سنگ ميل اسان مختصر عرصي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي صحت جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ هنرمند ليبر ۽ هڪ وڏي مارڪيٽ آهي، اسان کي اميد آهي ته چيني ٽيڪ ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زون ۾ اسان ??ي مدد ڪنديون ۽ اهڙي طرح اسان ??نهن شعبن ۾ ڪاميابي سان ??ڀري سگهنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ ڪيتريون ئي چيني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پاڪستان ??ينديون ڇو ته سيمي ڪنڊيڪٽر هر ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر آهي جنهن سان مقامي مينوفيڪچرنگ مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن آڻڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي تازي دوري دوران چين جي ناليواري ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻنهي طرفن کان ??افٽ ويئر ڊيولپمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، طبي تشخيص ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.