سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم شهباز ??ري?? سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي وي?? آه??، متاثرين جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آه?? ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آه??. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آه??، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آه??. وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.