ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??ملڪتي سربراهن جي اجلاس جي ??وقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي سان گڏوگڏ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ??اءِ دل کولي مالي امداد جي ??راهمي تي آذربائيجان جا ٿورا مڃيا. ه?? چيو ته پاڪستان کي درپيش هي قدرتي آفت ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهي، هن عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ عالمي برادري فوري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ??چ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم نگورنو ڪاراباخ تي پاڪستان پاران آذربائيجان جي اصولي حمايت کي ورجائيندي ان جي ??الاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آرمينيا جي اشتعال انگيز حملي ۾ 70 آذري فوجين جي تازي شهادت تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عالمي قانون موجب ۽ ان جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ آذربائيجان جي ??نهنجي دفاع جي حق جي حمايت کي ورجايو. پنهنجي ??طرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندي ٻن??ي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ??وجوده صلاحيت کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. صدر الهام عليوف وزيراعظم کي جلد آذربائيجان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.