سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز مهدي مالوف جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ج?? سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي ج??هن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادا??ن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي ج?? پچاڻي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي ج??هن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪرڻ آهي، اسان ڪشم??ري?? تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.