اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان 10 مهينن تائين تحريڪ جاري رکڻ جو پاڻ اعلان ڪيو، کيس سمجهه اچي وئي آهي ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ٿينديون، عمران خان جي ل??نگ مارچ ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ فوتگين تي ڳڻتي آهي، شهرين جي ??ان ۽ مال جي ??حفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جي ??هرين جي لاءِ سفري سهولتن کي بهتر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسلام آباد جي ??هرين جي لاءِ سيڪٽر وائيز ميٽرو بس شروع ڪئي ويندي، 13 روٽس تي 128 بسون مرحليوار هلايون وينديون، روٽس جو تعين ڪيو ويو آهي، موجوده ميٽرو بسن جي ??سٽاپس کي انهن بسن جي ??وٽس سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته اسلام آباد جي ??هرين بشمول شاگردن، نوجوانن، ڪاروباري ماڻهن ۽ مزدورن کي بهترين سفري سهو??تو?? فراهم ڪيون وڃن. راولپنڊي، مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان اسلام آباد ايندڙ شهرين جي لاءِ ماس ٽرانزٽ جو انتظام ڪرڻ وزيراعظم جي ??ولين ترجيح آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ تي گذريل چار سالن دوران نالائقي، نااهلي، چوري، ڌاڙي ۽ ڪرپشن جا پوندڙ اثر هاڻي گهٽ ٿي رهيا آهن. اڳوڻي حڪومت مهانگائي ۾ اضافو ڪيو، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، غيرملڪي لاڳاپا خراب ڪيا، ٻاهرئين سيڙپڪاري کي دير جو شڪار ڪيو. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان هاڻي هر شيءَ ٻيهر استحڪام طرف اچي رهي آهي، اسان ملڪ کي خوشحال ڪرڻ جي ??اهه تي گامزن آهيون، ملڪ جون معاشي حا??تو?? بهتر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي ??ن سخت شرطن تي صحيحون ڪيون هيون، اسان جي لاءِ انهن تي عمل ڪرڻ ضروري هو، اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا. هن چيو ته مهانگائي جي ??ميوار اڳوڻي حڪومت آه??. ه?? چيو ته اتحادي حڪومت جي ??ڻٿڪ جدوجهد سان هاڻي مهانگائي جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر گهٽ ٿي رهيو آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به مستحڪم ٿي رهيا آهن، سمورين مشڪلاتن جي ??اوجود عوام کي ريليف ڏنو پيو وڃ??. ه?? چيو ته وزيراعظم اٽڪل 600 ارب رپين جي ??اريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪيو، ٻوڏ جي ??اوجود ملڪ ۾ ڪو بحران نه آهي، بهترين معيار جي ڪڻڪ شفاف عمل ذريعي درآمد ڪئي وئي آه??. ه?? چيو ته اڳوڻي حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪري هتي مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي ۽ پوءِ ٻيهر ڪڻڪ درآمد ڪري مهانگي قيمت تي عوام کي وڪرو ڪئ??. ه?? چيو ته مسلم ليگ (ن) ملڪ کي بمپر فصل جي ??طح تي ڇڏي وئي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آبادگار پئڪيج سان انشاءَ الله پاڪستان ٻيهر بمپر فصل طرف ويندو، ان ۾ سمال ميڊيم انٽرپرائيزر، نوجوانن، هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي آسان قرض ڏنا ويندا، انهن جي لاءِ بجلي جو اگهه 13 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آه??. ه?? چيو ته وزيراعظم ٻوڏ جي ??ورتحال جي ??اوجود آبادگارن جي ڀلائي جو سوچيو آهي. ان کانسواءِ پوري دنيا مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٻيهر بحال ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گذريل پنجن مهينن دوران ٻوڏ سٽيل علائقن جا دورا ڪيا، اڳوڻي حڪومت جي هٿان تباهه ٿيندڙ سفارتي لاڳاپن کي بحال ڪيو، هاڻي سڄي دنيا مان ماڻهو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران سي پيڪ منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اسان انهن کي ٻيهر بحال ڪيو. هن چيو ته ميڊيا وزيراعظم جي ٻاهرئين ملڪن جي ??ورن جي ??هميت کي ڏسندي ڀرپور ڪوريج ڏني جنهن تي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري اچڻ سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا، ملڪ جون حا??تو?? بهتري طرف گامزن آهن، ٻوڏ متاثرين جي ??حالي جو ڪم به شروع ٿي چڪو آه??. ه?? چيو ته اسان بار بار چئي چڪا آهيون ته چونڊون موجوده اسيمبلي جو آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ٿينديون، لڳي ٿو ته عمران خان کي به سمجهه اچي وئي آهي ۽ هن اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته سندس تحريڪ 10 مهينن تائين جاري رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافي صدف نعيم جي موت جي واقعي تي اسان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت ان واقعي جي پوري جاچ ڪري پر پنجاب ۾ صدف نعيم جي مڙس کان آڱوٺا لڳرائي بيان ورتا ويا آهن ته هو ڪا قانوني ڪارروائي نه ڪندو. هن چيو ته ان واقعي جي ??اچ ٿيڻ گهرجي. ان کانسواءِ عمران خان جي ل??نگ مارچ ۾ ٽڪر لڳڻ سان هڪ نوجوان جي ??ياتي وئي، هڪ بزرگ شهري به فوت ٿيو ۽ هڪ پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو. هن چيو ته اسان فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن افسوسناڪ واقعن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ نيب چيئرمين ۽ ڊي جي ??يف آءِ اي کي بليڪ ميل ڪيو ويو ته جيئن سياسي مخالفن جي ??لاف ڪيس ٺاهي سگهجن. هن چيو ته سياسي مخالفن جي ??لاف ڪرپشن جا ڪيسز ٺاهيا ويا، انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪرپشن ٿي هئي ته نيب چيئرمين انهن تي الزامن کي ثابت ڇو نه ڪري سگهيو؟ سياسي مخالفن جي ??لاف هڪ ڪيس ۾ به ثبوت پيش نه ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان چونڊون نه ٿو چاهي، ان جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي، جيڪڏهن هو چونڊون چاهي ٿو ته پوءِ ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت آهي، خيبرپختونخواهه، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي، ملڪ جي 70 سيڪڙو علائقي تي عمران خان جي ??ڪومت آهي، هو حڪومتي وسيلا استعمال ڪري ل??نگ مارچ تي لڳائي رهيو آهي، ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏ ڪيل پئسو به ل??نگ مارچ تي لڳي رهيو آه??. ه?? چيو ته عمران خان جيڪڏهن چونڊون چاهيندو هجي ها ته هو 7 مارچ تي ان جو اعلان ڪري ڇڏي ها، ان وقت هو وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل هو، ان وٽ اختيار به هو پر هو چونڊون نه پر پنهنجي ڪرسيءَ ۽ اقتدار بچائڻ چاهيندو هو. هن چيو ته ملڪ جون حا??تو?? بلڪل ٺيڪ آهن، سموريون شيون مثبت وڃي رهيون آهن، اسان عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو آئيني اختيار وزيراعظم شهباز شريف وٽ آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري جي لاءِ عمران خان کي پريشان ٿيڻ جي ??رورت نه آه??. ه?? چيو ته عمران خان جي ل??نگ مارچ ۾ کيس هاڻي فيس سيونگ جي ??رورت آهي، رات جو جڏهن هو ڪنٽينر تان گهر وڃي ٿو ته هڪ چينل عمران خان جي ڳالهيون ڪرڻ تي روانگي جي ??بر ڏي ٿو پر ٺيڪ 20 کان 25 منٽن کانپوءِ عمران نيازي ٽوئيٽ ڪري ٿو ته منهنجو گهر ويجهو هو، آئون پنهنجي گهر اچي ويو آهيان، آئون ڪنهن سان ڳالهين ۾ ناهيان ويو. هن چيو ته ڪڏهن ڌمڪيون، ڪڏهن واسطا، ڪڏهن گارگند، ڪڏهن رابطا ان کانسواءِ ڪا حقيقت نه آهي، ل??نگ مارچ جي ??قيقت سپريم ڪورٽ ڪالهه ٻڌائي ڇڏي آه??. ه?? چيو ته 25 مئي جي ل??نگ مارچ جي ??والي سان پي ٽي آءِ جي وڪيلن سپريم ڪورٽ کي گمراهه ڪيو، غلط بياني ڪئي ۽ عمران خان چيو ته مون کي فيصلي جي ??بر نه پئي هئ??. ه?? چيو ته عدالت به چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي وڪيلن جي ??ريعي غلط بياني ڪئي، ڪوڙ ڳالهايو. صحافين جي ??والن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جو ل??نگ مارچ لاهور کان شروع ٿيو آهي، اهو گلگت بلتستان وڃي، خيبرپختونخواهه يا ڪنهن ٻي جڳهه، ان سان اسان کي ڪو سروڪار نه آهي پر جيڪڏهن اهو ل??نگ مارچ وفاق جي ??دن ۾ داخل ٿيو ته ان جي لاءِ اسان جي ??ياري مڪمل آهي، اسان کي شهرين جي ??ان ۽ مال جي ??حفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻائڻو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڪنهن جي ??ظهار راءِ جي ??زادي سان ڪنهن ٻئي جي ??زادي متاثر نه ٿيڻ گهرجي، پيمرا ۾ اسان مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي ??والي سان سمورين ڌرين جي مشاورت سان هڪ ترميم آڻي رهيا آهيون، گڏيل مشاورت سان قانون ٺهي ته ان تي عملدرآمد به آسان ٿئي ٿو ۽ ان تي سموريون ڌريون به عمل ڪن ٿيون. هن چيو ته ڊي فيميشن قانون کي بهتر ڪرڻ جي ??رورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ??ندر عمران خان جون حڪومتون آهن، هو وفاق جي ڌرين کي وفاق جي ??لاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ل??نگ مارچ جي لاءِ حڪومتي مشينري کي استعمال ڪيو پيو وڃ??. ه?? چيو ته آئين ۾ واضح طور تي موجود آهي ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو غيرآئيني قدم ٿئي ته ان جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي.