لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊي??ائ?? لاهور جو دورو ڪيو. صدر کي اداري ۾ تعليمي سرگرمين، ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ تعيلمي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي مدد سان پاڪستاني آرٽس، فيشن، ڊي??ائ?? ۽ ٽيڪسٽائيل مصنوعات کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري سگهجي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيون فارغ ٿي??دڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين ۽ ورچوئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان شاگردن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري جو فعال شخص بڻائڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄ?? دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختصر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري هولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آئوٽ آف باڪس ??وچ??ن ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ وڏي پئماني تي آن لائين تعليم ڏني پئي وڃي، آن لائين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شاگردن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊي??ائ?? جي دوري دوران مختلف فيشن مصنوعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊي??ائ?? جي انڊسٽري، عالمي يونيورسٽين ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.