اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا ??اڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. پرڏيهي وزير برطانيا ??اران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضافي مدد جي اع??ان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دو??ان برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.