اسلام آباد – 06 – فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقص??ن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي زي??ن تي تعزيت جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين س??ن تباهي جا وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي ل??ءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين س??ن تباهي ڪنهن ملڪ يا خطي تائين محدود ناهي رهي.