اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته معيشت تباهه ڪندڙ اڄ سياسي عدم استحڪام جي ذريعي ان جي بحالي روڪڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، هو عدالت س??ن اهو ڪري رهيو آهي جيڪو هن آءِ ايم ايف پروگرام، پاڪستان جي قومي مفادن، دوست ملڪن، آئين، پارليامينٽ، ادارن، ميڊيا ۽ مهانگائي جي صورت ۾ عوام سان ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هو عدالت جي گهرائڻ تي به نه ٿو اچي، عدالت س??ن اهو ڪري رهيو آهي جيڪو هن آءِ ايم ايف پروگرام سان ڪيو. هن چيو ته هو عدالت س??ن اهو ڪري رهيو آهي جيڪو قومي مفادن، پاڪستان جي دوست ملڪن سان ڪيو، عدالت س??ن اهو ڪري رهيو آهي جيڪو هن آئين، پارليامينٽ، ادارن، ميڊيا سان ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو عدالت س??ن اهو ئي ڪري رهيو آهي جيڪو مهانگائي جي صورت ۾ عوام سان ڪيو.