ڊيره غاز?? خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره عاز?? خان ۾ غازي يونيورسٽي ۾ قائم مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو، شهرين جا مسئلا ٻڌا ۽ اٽي جا ٿيلها پڻ به ورهايا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ اويس لغاري ۽ لا??اپيل آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم اٽي جي ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي لا??اپيل عملدارن پاران اٽي جي فراهمي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هڪ هڪ ماڻهو وٽ ويو ۽ مستحقين جا مسئلا ٻڌا ۽ ??نه?? کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ لا??اپيل عملدارن کي هدايت ڪئي. ڊيره غاز?? خان ۾ مجموعي طور تي مستحق خاندانن ۾ 13 لک کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ڊيره غاز?? خان، راجن پور، مظفر ڳڙهه ۽ ليه جي انتظاميا کي مفت اٽي جي ورڇ جي بهترين انتظامن تي شاباس ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم سان مفت اٽو مرڪز ۾ گرلز گائيڊز ايسوسيئيشن جي گرلز گائيڊز پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ضلعي جي گرلز ڪاليجن جو نمائنده فورم مرڪز ۾ اٽي جي ورڇ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. وزيراعظم قوم جي ڌيئرن کي ??ن خير جي ڪم ۾ حصو وجهڻ تي ساراهيو. وزيراعظم گرلز گائيڊز جي ذميوارين بابت معلوم ڪيو ۽ ??نه?? سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته چئني صوبن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ڏنا ويندا ۽ جيڪي به شاگرد يا شاگردياڻيون محنت ڪندا ۽ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا ??نه?? کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا.