ڊيره غازي خان – 12– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ ريليف جي فراهمي لاءِ ڪوششون ??ري رهيا آهيون، اتحادي حڪومت ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍندي، ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي خوابن ج?? پاڪستان بڻائينداسين. ڊيره غازي خان ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جي دور?? جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ وڏي وزير محسن نقوي ۽ صوبائي حڪومت جي نگراني ۾ مفت اٽ?? جي ورڇ جاري آهي، ملڪ کي مشڪل حالتون ۽ چئلينجز درپيش آهن، اتحادي حڪومت پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي رهنمائي ۾ گڏجي انهن مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوششون ??ري رهي آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. هن چيو ته ملڪي تا??يخ ۾ پهريون ??يرو رمضان المبارڪ ۾ مفت اٽ?? جي ورڇ جو وڏو پئڪيج ڏنو ويو آهي، اڳ ۾ مون ??ي به خدشا هئا پر اهو ڪم خوش اسلوبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، رمضان المبارڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ دڪانن تي سستي اٽ?? جي فراهمي تي غور ڪيو ويندو، عوام جي ڀلائي، خوشحالي ۽ بحالي اسان جو اولين فرض آهي جنهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ??ڏجي قدم کڻي رهيون آهن، ان بهترين سلسلي کي ڪامياب ڪرائين، اٽ?? جي مفت فراهم?? جي لاءِ بهترين انتظامن تي چيف سيڪريٽري پنجاب، راجن پور، ليه، مظفر ڳڙهه ۽ ڊيره غازي خان جي انتظاميا جا قدم ساراهه جوڳا آهن، الله تعاليٰ اسان کي اڃا وڌيڪ همت ڏي ته اسان پاڪستان جي عوام جي خدمتون ??ريون، اٽو حاصل ڪرڻ ۾ صبر ۽ تحمل ۽ برداشت سان ڪم وٺو ۽ امن امان برقرار رکو، عورتن، بزرگن، بيمار ۽ خصوصي ماڻهن کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي، اسان ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ قائد ۽ اقبال جي خوابن ج?? پاڪستان بڻائينداسين.