اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان عالمي ريسڪيو ڪميٽي جي صدر ڊيوڊ ملي بينڊ ڪالهه خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت ??وجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عالمي ريسڪيو ڪميٽي جي وچ ۾ صحت، تعليم ۽ ت??قي جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير عالمي ريسڪيو ڪميٽي جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي پاران پاڪستان ۾ قدرتي آفتن دوران خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته عالمي ريسڪيو ڪميٽي پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻي??دڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جي لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي ڊيوڊ ملي بينڊ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي حوالي سان معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني حڪومت جا ??ورا مڃيا.