اسلام آباد – 01 ?? مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪن??ي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي م??ڪ افغانستان جي م??جوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪن??ي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪن??ي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.