بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عر??ق جي 3 ڏينهن جي سرڪار?? دوري جي موقعي تي ??اڪ??تان ۽ عر??ق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ??اداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عر??قي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??اڪ??تان ۽ عر??ق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ عر??ق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.