اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ الفلاح لميٽيڊ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل کي ??د ڪندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪ بنا اجازت آن لائين ادائيگي جو نظام فعال ڪرڻ ۽ صارف جي وقت سر شڪايت کي نظرانداز ڪرڻ تي معافي وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته صارفين کي ??نٽرنيٽ بئنڪنگ جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪ??ڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، بئنڪ الفلاح 66850 رپين جي وڃايل رقم منافعي سان گڏ صارف کي واپس ڪري. تفصيل موجب محمد يار (شڪايت ڪندڙ) بئنڪنگ محتسب کي ??ڪايت داخل ڪرائي ته ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي 66850 رپين جو گهپلو ٿيو، صارف بئنڪ کي ??گاهه ڪيو ته هن آن لائين خريداري ناهي ڪئي تنهن ڪري آن لائين ادائيگي کي ??وڪيو وڃي، بئنڪ شروعاتي طور تي رقم واپس ڪئي پر ڇهن مهينن کانپوءِ بئنڪ رقم ڪريڊٽ ڪارڊ مان ڪاٽي ورتي جنهن تي صارف بئنڪنگ محتسب کي ??ڪايت ڪئي جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته بئنڪ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي ??پيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ الفلاح جي اپيل کي ??د ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪايت ڪندڙ انٽرنيٽ/ ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، صارف کي ??ئنڪ پاران ڪال موصول ٿيڻ تي ڏيتي ليتي جي ڄاڻ ٿي، غيرمجاز/ جعلي ڏيتي ليتي جي فوري اطلاع ڪري صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بئنڪ جو فرض آهي. صدر چيو ته صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بدران بئنڪ باقاعده شڪايت جو انتظار ڪيو، بئنڪ ايس ايم ايس يا ميل جي صورت ۾ گهربل معلومات جمع ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته اهم ثبوت جي معلومات/ دستاويز جمع نه ڪ??ائڻ عڪاسي ڪري ٿو ته يا ته بئنڪ وٽ رڪارڊ نه آهي يا پوءِ پاس ورڊ ناهي موڪليو ويو، بئنڪ الفلاح اسٽيٽ بئنڪ جي مختلف ضابطن/ هدايتن جي عدم تعميل ڪندي ڏٺي وئي. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن موجب صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، سادي زبان ۾ اليڪٽرانڪ فنڊز منتقلي جي سهولت بابت صارف کي مطلع ڪرڻ به بئنڪ جو فرض آهي. هن چيو ته بئنڪ ثا??ت نه ڪ??ي سگهي ته انٽرنيٽ بئنڪنگ جي سهولت صارف جي رضامندي سان فعال ڪئي وئي. صدر چيو ته بئنڪ الفلاح جي اپيل ميرٽ کان عاري آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي. هن هدايت ڪئي ته بئنڪ صارف کان معافي وٺي ۽ منافعي سان گڏ وڃايل رقم واپس ڪري.