اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين جو حصو نه آهي، اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ٻڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مرتضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ته هن هر هڪ کي پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين کان پاس?? ڪرڻ جو چيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، ??ڪ پريس ڪانفرنس دوران کانئس پڇيو ويو ته پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي مون واضح طور تي چيو ته پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن جو بنيادي طور تي تعين عالمي مارڪيٽ جي قيمتن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير واضح ڪيو ته اهو ٻڌائڻ کانسواءِ ته امڪان ويجهو آهي يا نه، مون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اهو اوگرا جو اختيار آهي ۽ اوگرا ئي واحد ادارو آهي جيڪو پيٽرو??يم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ته هن ان ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ته هڪ قومي انگريزي اخبار ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ٻڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.