اسلام آب??د ?? 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا ??ان واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي، ثقاف??ي ۽ سياحتي لاڳاپا وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا ??ان پنهنجي ويجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙائي رکندڙ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو انڊونيشيا ??ي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ پاڪستان ۽ انڊونيشيا ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو اهم عنصر آهي، پاڪستان واپار، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي، انڊونيشيا ??ا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، پاڪستان ۽ انڊونيشيا ??ي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌي?? بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ اضافو لازمي آهي. انڊونيشين سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا کي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي متنوع بڻائڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون کولڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا ??هيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو، پاڪستاني شاگرد انڊونيشيا ۾ تعليمي وظيفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ترقي جي رفتار برقرار رهندي. صدر سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.