اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي هدايت ڪئي آهي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان به فوري رابطو ڪيو وڃي، هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻي?? قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، خصوص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪ??ت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي ??گر??ن وزيراعظم چيو ته گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي زهني ۽ فڪري تربيت ۾ انتهائي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻي?? قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي رهيو آهي جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوص?? سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪ??ت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار اد اڪري سگهي ٿي. ??گر??ن وزيراعظم اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان پڻ فوري رابطو ڪيو وڃي. اي پي اين ايس جي وفد ۾ صدر ناز آفرين، س??ڪريٽري جنرل سرمد علي، فنانس سيڪريٽري شهاب زبيري شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.