اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ??زب??ستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار کي وڌيڪ هٿي ملندي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??زب??ستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجايو عبدوخاڪو مووچ 7 رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪئي ۽ 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين ??زب??ستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ??زب??ستان جي صدر شوڪت مرزيوف سان پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اسلام آباد ۾ پاڪستان، ??زب??ستان ۽ افغانستان جي وا??ار وارن وزيرن جي پهرين ٽي ڌريي اجلاس جي انعقاد کي پڻ ساراهيو. ٽنهي ڌرين ڪسٽم، لاجسٽڪس، وا??ار جي فروغ، ٽيرف، ٽي آئي آر جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽي ڌريو ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. ٽه ڌريي اجلاس جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ??گران وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٽي ڌريو طريقيڪار ??نهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيندو. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??ار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. ??زب?? نائب وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعطم کي بئنڪنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن سميت پاڪستان جي واپاري برادري سان نتيجاخيز ملاقاتن بابت ٻڌايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون ??زب??ستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي پر??جي??ٽ جي وقت سر تڪميل جي لاءِ فعال ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. ??زب??ستان جي وفد ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير الخم مخڪاموف رسمووچ، سيڙپڪاري، صنعت ۽ وا??ار وارو نائب وزير بدري الدين عابدوف، نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف، اسٽيٽ سيڪيورٽي سروس جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل فرخ مختارئوف ۽ پاڪستان ۾ ??زب??ستان جو سفير ميجر جنرل فرخ مختاروف اويبيڪ عارف عثمانوف شامل هئا. ملاقات ۾ وا??ار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز کانسواءِ وا??ار وارو سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.