ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽي??نا??اجي جي استعمال تي آهي، تحقيق جو فروغ هر حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ ٽيڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيرا??ظم چيو ته معياري ۽ صحت جي بهتر خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي. اسان شهرين کي صحت جي برابر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سرنديءَ وارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. آغا خان يونيورسٽي جو تعليم، تحقيق ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪ??دار آهي ۽ هاڻي آرٽس ۽ سائنس جي شعبي ۾ پڻ يونيورسٽي تمام گهڻو ڪم ??يو آهي. آغا خان يونيورسٽي پاڪستان جي لاءِ هڪ قومي اثاثو آهي، تحقيق ۽ ٻين شعبن جي ڪري آغا خان يونيورسٽي جو شمار دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو ۽ ان مان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ تعليم ۽ علم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر ضرورت جي موقعي تي آغا خان يونيورسٽي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀاي??ن آهن. ڪورونا دوران مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ ڪوويڊ جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ هزارين ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت کي يقيني بڻايو. ٻوڏ دوران پڻ آغا خان يونيورسٽي متاثر علائقن ۾ هزارين هيلٿ ڪلينڪس قائم ڪيون جن جي ذريعي لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. آغا خان يونيورسٽي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري رهي آهي. آغا خان يونيورسٽي پرنس آغا خان جي ويزن ۽ فهم ۽ فراصت جو مظهر آهي. نگران وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن هڪ بهترين ذريعو آهي، جديد ٽي??نا??اجي سان مرض بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، ٽي??نا??اجي صحت سميت هر شعبي ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري رهي آهي. نگران وزيرا??ظم چيو ته اسان مرض جي تدارڪ ۽ تشخيص جي لاءِ جديد ٽي??نا??اجي جي استعمال جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽي??نا??اجي جي ذريعي سمورن شهرين کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي خواب کي پورو ??يو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽي??نا??اجي تي آهي، رڳو صحت جي شعبي تائين ئي نه هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽي??نا??اجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس خواب رهيو آهي ته هو هڪ استاد بڻجي پر ائين نه ٿي سگهيو.