اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي ا??لا??ات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي مبشر توقير شاهه سميت پي ٽي وي جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مسيحي برادري خاص طور تي پي ٽي وي جي مسيحي مل??زمن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته خوشي جي ان لمحي ۾ اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون. هن چيو ته پي ٽي وي پاران ڪرسمس کان اڳ پي ٽي وي جي مسيحي مل??زمن جي ايڊوانس پگهار ۽ ڪرسمس الائونس جي ادائيگي خوش آئنده آهي. ان موقعي تي ا??لا??ات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه پي ٽي وي جي مسيحي مل??زمن کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪرسمس جي تقريب منعقد ڪرڻ پي ٽي وي جي سدائين کان روايت رهي آهي. پي ٽي وي جي مسيحي برادري جي مل??زمن ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??ا تقريب ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا.