اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪو به انسان ڊس ايبل نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، خصوصي ماڻهو به ووٽ جو حق رکن ٿا، سياسي پارٽين کي چونڊ منشور ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پروگرام پيش ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن نيشنل پريس ڪلب ۾ پاڪستان ڊس ايبل فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ خصوصي ماڻهن جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته ڪو به انسان معذور نه آهي، قدرت انسانيت کي لامحدود صلاحيتن سان نوازيو آهي، جيڪي ماڻهو اکين کان ڏسي نه ٿا سگهن اهي دل جي روشني سان تمام گهڻو ڪجهه ڏسي سگهن ٿا. هن چيو ته ??سان کي معاشري جي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ??نيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورت جو خيال رکيو وڃي ٿو ڇو ته ??مورن ماڻهن کي برابر حق حاصل آهن. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته ??مريڪا جي هر رستي ۽ چوڪ تي رستن جي تعمير جي اندر اهڙي طرح سان ڪٽ هنيو وڃي ٿو جو ڪو ماڻهو وهيل چيئر تي آساني سان گذري سگهي پر بدقسمتي سان اس??ن وٽ بلڊنگ ڪوڊز ۾ انهن شين جو خيال نه ٿو رکيو وڃي. هن چيو ته ??صوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي ۽ قانونسازي چونڊيل نمائندا ڪندا آهن. نگر??ن وفاقي وزير چيو ته چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ خصوصي ماڻهن جي تقريب منعقد ٿي رهي آهي، وڏيون سياسي پارٽيون منشورسازي ۾ مصروف آهن ۽ اهي نقطن جي صورت ۾ پنهنجا پروگرام ڏئي رهيون آهن. سياسي پارٽين کي خصوصي ماڻهن جي ڀ??ائي لاءِ قدمن کي پنهنجي منشور ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??صوصي ماڻهن وٽ ووٽ جو حق آهي، اهي سياسي پارٽين جي قيادت آڏو پنهنجا جائز مطالبا پيش ڪن ۽ انهن پارٽين کي ووٽ ڏين جيڪي انهن جا مطالبا پورا ڪن.