اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واپار ?? صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سرحد?? علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري رونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت واپار ?? سرحدي ضلعن ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز، فرنٽيئر ڪور جي لاڳاپيل آءِ جيز، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. اجلاس کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان رپورٽ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان ڪسٽمز، ايف سي، ضلعي انتظاميا ۽ اين ايل سي جي سرحد?? علائقن ۾ ڪارڪردگي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمور??ون ايجنس??ون گڏجي سرحد?? علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻ?? ره??ون آهن جنهن جي ڪري لکين ٽن غيرقانوني شين جي غيرقانوني درآمد روڪي ملڪي خزاني کي وڏي نقصان کان بچايو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي وڌيڪ تيز ڪري آئنده ان حوالي سان منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ آگاهه ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي سرحد?? علائقن جي ماڻهن جا تفصيل جوڙي انهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جلد جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم واپار ?? صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته سرحد?? علائقن ۾ خصوصي سيڙپڪاري زونز ۽ صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي مڪمل روڪٿام جي لاءِ سمورا ادارا خاص طور تي فرنٽيئر ڪور، ڪسٽمز ۽ ضلعي انتظاميا پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين، اسمگلنگ جي ڪڌي ڪاروبار سان رڳو ڪجهه بااثر ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو. هن چيو ته اسمگلنگ جي ڪري پوري پاڪستاني قوم نقصان کڻ?? رهي هئي ۽ حڪومت ان جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکندي، اسمگلنگ جي ذريعي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڀونڊي جواز جي آڙ ۾ ڪجهه ماڻهن کي ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، نگران حڪومت پنهنجي مدي جي آخري ڏينهن جي آخري لمحي تائين اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻ??دي رهندي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين ايل سي چمن بارڊر تي پنهنجي اسڪيننگ ۽ چيڪنگ جي منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري. هن اها به هدايت ڪئي ته پاڪستان ڪسٽمز سرحد?? علائقن ۾ پنهنجي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ته جيئن اسمگلنگ ۾ پڪڙيل عنصرن کي قانون موجب سزا ڏئي سگهجي، اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ شهر?? علائقن ۾ ان مال جي طلب کي پڻ ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها به هدايت ڪئي ته سرحدي ضلعن خاص طور تي حساس علائقن ۾ سٺي شهرت جا آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ پوسٽنگ ٽرانسفر جي شفاف سسٽم کي بحال ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته افغانستان سميت ٻين ملڪن جن سان پاڪستان جي ذريعي ٽرانزٽ ٽريڊ ٿئي ٿي، واپار واري وزارت ان جي سخت نگراني ڪري ۽ لاڳاپيل عملد??رن کي شين جي برآمد جي رجحانن جي حوالي سان آگاهه ڪري. هن سرحد?? علائقن ۾ قانوني واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ مڪمل دستياويزي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اها به هدايت ڪئي ته ڪارگو جي مانيٽرنگ جي لاءِ ايف بي آر جو ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم فعال ڪيو وڃي.